ڪرهيو ڀانڊاري شيخ

ڪرهيو ڀانڊاري شيخ : هيءُ سومرا دور جو نامور بزرگ، ولي ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو چنچل شاهه هو. هن جميل شاه گرناريءَ جي نظر هيٺ چشتي طريقي کي لاڙ ۾ ڦهلائڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو، جيڪو جوڳين، ڪن پٽ، ڪاپٽ ڪاپڙين سان گڏ رهندو هو، ۽ ويدانت جي مڙني اسرارن کان واقف هو. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ وٽ به ساڳي پنهنجي وڏڙن واري جوڳياڻي ڪار هئي. ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪتاب ‘لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ’ ۾ لکي ٿو ته، “پير ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو نالو حسن چون ٿا، امير گهراڻي جو فرزند هو. ڀائرن سان گڏ شڪار تي نڪتو ۽ مانجهي شهر وٽان نڪتو، مانجهي شهر هينئر ڪڇ جي رڻ ۾ اچي ويو آهي. جتي پير کيرسر جي درگاهه آهي. هن شهر جا نشان، پير ڪرهيي جي درگاهه کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهن. پير صاحب درگاهه واري هنڌ ويهي رهيو. ڀائرن کيس حيلا هلايا، پر هو نه موٽيو ۽ انهيءَ جاءِ تي چلا ڪڍڻ شروع ڪيائين.” شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي هٿ تي ڪيترن ئي غير مسلمانن بيعت ڪري اسلام قبول ڪيو. ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي خاص مريدن ۽ خليفن ۾ سيد لال شاهه، دال چٽو ديوان، پير کيرسر، مائي مرکان شيخڻ ۽ مائي بيبان نور مشهور آهن. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو اولاد ڪرهيي پوٽا ان نسبت سان سڏجن ٿا. اهي جوڳي ڪرهيي پوٽا شيخ، سال بسال انهن آستانن تي سنڌي مهيني پوهه جي پهرين سومر تي گڏ ٿيندا هئا. سماع ڪندا هئا. سومر جي رات ۽ ڏينهن سماع ۾ گذاريندا هئا ۽ ٻريون ٻاريندا هئا. روايت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي درگاهه تي حاضري ڀري هئي. شيخ ڪرهيي ڀانڊاري 675ع/ 1276ع ۾ وفات ڪئي. ڪيترن ئي شاعرن سندس شان ۾ ڪلام چيو آهي. سندس درگاهه پهرين مريدن ٺهرائي، بعد ۾ درگاهه کي غلام شاهه ڪلهوڙي ٻيهر ٺهرايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو